لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ??ڌا??و ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اه?? خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وزيراعظم کي ??ڌا??و ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ??ڌا??و ويو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.