اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ ان جي فروغ جي حوا??ي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نو??زيو آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو نو??وانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر ج?? قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوا??ي سان اجلاس جي صدارت ڪري ??هيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر ج?? حوا??ي سان پرڏيهي سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ ان ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل ??عاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قيمتي جواهر ج?? شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوا??ي سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نو??زيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. جواهر ج?? شعبي جي فروغ سان نه رڳو ان سيڪٽر ۾ نو??وانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.