لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان فيصل آباد سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر ۽ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان ب??زدار پڻ ملا??ات ۾ موجود هئا. وزيراعظم سان ملا??ات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ چوڌري محمد عاصم نذير، نواب شير وسير، رضا نصرالله گهمن، خرم شهزاد، فرخ حبيب، فيض الل?? ۽ ??اجا رياض احمد شامل هئا. قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هنن وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال کان آگاهه ڪندي ان وبا تي ضا??طو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي حڪمت عملي تي خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن ڪورونا وائرس جي وبا دوران موثر ڪارڪردگي تي فيصل آباد انتظاميا کي پڻ ساراهيو.