اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح تحريڪ انصاف جي هڪ ٻئي واعدي جي پڄاڻي آهي، جدي?? سهولتن وارو اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان پارا?? پشاور جي عوام جي لاءِ تحفو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته جدي?? سهولتن وارو اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان پارا?? پشاور جي عوام لاءِ تحفو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي جدوجهد ۽ محنت سان سدائين پنهنجي تنقيد ڪندڙن کي غلط ثابت ڪيو.