اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ت?? اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ليفٽيننٽ ناصر حسين خالد، نائيڪ محمد عمران ۽ سپاهي عثمان اختر کي ملڪ خاطر جام شهادت نوش ??رڻ تي خرا?? عقيدت پيش ڪريون ٿا، ??نه?? جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون.