اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آسٽريليا جي فورٽسڪيو ميٽلز گروپ لميٽيڊ جي چيئر??ين اينڊريو فورسٽ هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئر??ين عاطف آر بخاري به ملاقات ۾ ??وج??د هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اينڊريو فورسٽ جي آجيان ڪئي ۽ کيس ڪورونا وبا جي تناظر ۾ ملڪ جي اقتصادي بحالي ۽ ??وج??ده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي باري ۾ آگاه?? ڪيو. هن سمارٽ لاڪ ڊائونز جي ذريعي ڪورونا جي وبا کي روڪڻ جي حڪومتي حڪمت عملي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙ غريب ماڻهن کي امداد جي فراهمي جي باري ۾ به ٻڌايو. ان موقعي تي اينڊريوفورسٽ حڪومت پاڪستان طرفان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل پالي??ي کي ساراهيو.