اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان اسلام جو هڪ مضبوط قلعو آ??ي ۽ جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري اسلامي د??يا ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو، پاڪستاني نوجوانن کي الله تعاليٰ بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آ??ي ۽ هو ملڪ جي تقدير کي بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾” پاڪستان۾ هڪ پرامن ۽ جامع معاشرو، چئ??ينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان منعقد ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني قوم بردبار، روادار ۽ پرامن قوم آ??ي ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جهڙي طرح هڪٻئي جي مدد ڪندي آ??ي اها واکاڻ جوڳي آ??ي، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي وبا جي دوران پاڪستاني عوام جنهن حوصلي، همت ۽ صبر سان ان وبا جو مقابلو ڪيو اهو د??يا جي لاءِ هڪ مثال آهي، هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ امن جو قيام ضروري آ??ي، هن چيو ته د??يا ۾ امن ۽ برداشت جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي.