ا??لا?? آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صو??تحال ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن جي صو??تحال جي حوالي سان جائزه اجلاس ا??لا?? آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، توانائي واري وزير عمر ايوب، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪ??ر عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪ??ي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صو??تحال، مقامي گئس جي پيداوار ۾ ٿيندڙ گهٽتائي، گئس جي طلب کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيل انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.