ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف فلاحي تنظيمن جي سماجي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ضرورتمندن جي ڀلائ?? لاءِ جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪوششن کي س??راهيو. اها ڳالهه هن جي ڊي سي جي وفد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد جي س??براهي جي ڊي سي جو سربراهه ظفر عباس ڪري رهيو هو. ان موقعي تي جي ڊي سي جي س??براهه صدر کي غيرسرڪاري تنظيم پاران جاري سماجي ڀلائي جي س??گرمين بابت آگاهه ڪيو. ظفر عباس صدر کي جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ 50 ڊائيلاسز سينٽرز کولڻ، راشن جي فراهمي، خوراڪ جي مرڪزن ۽ ٻين مصنوبن بابت بريفنگ ڏني. وفد سان ڳالهائيندي صدر حڪومت جي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن بشمول آسان قرض، فني ??ربيتي پروگرام ۽ ماءُ ج?? لاءِ غذائي امداد مان فائدو کڻڻ ج?? لاءِ نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بئنڪون صنعتڪارن کي آسان ق??ض فراهم ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي پڻ گهٽ کان گهٽ وياج جي شرح تي آسان ق??ض فراهم ڪن. هن نجي شعبي تي زور ڏنو ته اهو بيروزگار تعليم يافته نوجوانن ج?? لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ج?? لاءِ اڳتي اچي. بعد ۾ جي ڊي سي جي س??براهه صدر کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.