ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي بئنڪاري ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي عورتن جي مالي شموليت کي وڌيڪ وڌائڻ سان گڏوگڏ بئنڪ??گ سيڪٽر ۾ صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، بئنڪ??گ سيڪٽر کي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي آسان ۽ پهچ جوڳي مالي خدمتن جي فراهمي کانسواءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا ۽ فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي نوڪرين دوران تربيت فرهام ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار گورنر هائوس سنڌ ۾ مختلف بئنڪن جي نمائندن سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي مالياتي شموليت جي قدمن تي اڳڀرائي سان گڏوگڏ روزگار ۽ مالياتي موقعن کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي اڳڀرائي جو ??ائزو ورتو ويو. جائزه اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سينيئر عملدارن ۽ مختلف ڪمرشل بئنڪن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرز شرڪت ڪئي. اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي بامعنيٰ شرڪت کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي صدر چيو ته اهو ڏسڻ حوصلي جوڳو آهي ته عورت کاتيدارن ۽ بئنڪ??گ سيڪٽر جي نوڪرين ۾ انهن جي حصي ۾ گذريل سالن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ بئنڪ??گ سيڪٽر ۽ ٻين م??اش?? سرگرمين ۾ عورتن ۽ معذور ماڻهن جي شموليت جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته بئنڪ??گ سيڪٽر ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون تيار ڪري سگهجن ٿيون ۽ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ گهرجي. صدر سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي تيز رفتار ترقي جو ??ڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ بئنڪنگ انڊسٽري کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز کي استعمال ۾ آڻيندي تبديل ٿيندڙ حالتن موجب هلڻو پوندو. هن بئنڪنگ فراڊ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو ??ظهار ڪيو ۽ بئنڪن جي حفاظتي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن بئنڪنگ صارفين جي مفادن جو موثر تحفظ ڪري سگهجي. صدر بئنڪن کي چيو ته اهي پنهنجي صارفين کي پيش ڪئي ويندڙ مختلف سهولتن ۽ مالياتي مصنوعات بابت بيداري پيدا ڪن ۽ گڏ ئي انهن جي بئنڪنگ مسئلن کي تيزي سان حل ڪن. اسٽيٽ بئنڪ جي عهديدارن ۽ ڪمرشل بئنڪنگ جي سربراهن صدر کي ٻڌايو ته برانچ ليس بئنڪنگ، اڪائونٽ کولڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ، خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ بئنڪنگ ۾ نوڪريون ۽ برابري تي بئنڪنگ جهڙن قدمن جي نتيجي ۾ عورت اڪائونٽس هولڊرز جي تناسب ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بئنڪ??گ سيڪٽر ۾ معذوري جي 2 سيڪڙو ڪوٽا کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي.