اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو وي?? ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهوا??ي 60 سالا ??هري غياث جي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪستان جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو وي??، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي امن امان کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جي واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي فيبروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳاله?? تي زور ڏنو وي?? ته ڀارتي فوج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀارت تي زور ڏنو وي?? ته هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز فائر مفاهمت جو احترام ڪري.