اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي ??اء?? موثر حڪ??ت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ ص??عتي پيداوار وڌائڻ جي ??اء?? قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ ص??عت ۽ پيداوار واري وزارت پاران سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪ??ت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي منڊين خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي حصيداري روانگي واپار وڌائڻ جي حڪ??ت عملي جو حصو هوندو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم واپار واري وزارت کي ڪاروباري برادري ۽ لاجسٽڪس ڪمپنين جي ??اء?? عالمي واپاري چرپر جي نظام بابت آگاهي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مقرر آفيسرن جي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي ??اء?? لاڳاپيل حصيدارن سانجاري مشاورت بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ??اء?? ملڪ کي واپاري چرپر ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي موجوده 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي ??اء?? موثر حڪ??ت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم معاشي ترقي ۽ ص??عتي پيداوار وڌائڻ جي ??اء?? قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي ??اء?? قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزيراعظم جيمسٽون جي روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي ??اء?? مقامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي ??اء?? تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس جي فروغ جي ??اء?? اليڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو.