اسلام آباد – 14 – س??پٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي مستونگ ڌماڪي جي سخت مذمت ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻ??ن ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته حافظ حمدالله تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، بيگناهه شهرين ۽ ملڪ جي سياسي شخصيتن کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻو فعل آهي، دهشتگردي ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وز??ر ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.