اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو تازو فيصلو افغان پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ ناهي ڪ??و ويو پر اهو انهن سمورن غيرملڪي?? جي خلاف آهي جن وٽ ويزا دستاويز نه آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ افغان پناهگير?? جي حوالي سان قومي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ۽ انه?? جي محفوظ واپسي هڪ جدا مسئلو آهي. ترجمان چيو ته جاري آپريشن انهن ماڻه?? جي خلاف آهي جن يا ته پنهنجي ويزا کان وڌيڪ قيام ڪيو آهي يا انهن وٽ قيام جي لاءِ صحيح دستاويز نه آهن. هن واضح ڪيو ته ان آپريشن جو انهن افغان پناهگيرن سان ڪو تعلق نه آهي ج?? جي پاڪستان معاشي مجبوري?? جي باوجود ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آه??. ه?? چيو ته پاڪستان ۽ افغانستا?? جي وچ ۾ ٻطرفو واپار جاري آهي جڏهن ته هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ جي سهولت?? جي غلط استعمال کي قبول نه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان واضح طور تي افغانستان کان خطرن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آه??. ه?? چيو ته اسان سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا ۽ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه جاري رکنداسين ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته افغان سرزمين دهشتگردي کي هوا ??يڻ جي لاءِ استعمال نه ٿئي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي عملدارن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پاڪستاني صحافين ۽ تماشائين کي ويزا جاري ڪ?? جيڪي ڀارت ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اها ميزبان ملڪ جي ذميواري آهي ته اهو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سازگار ماحول فراهم ڪري. ترجمان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته راندين کي سياست کان سان ڳنڍڻ نه گهرج??. ه?? چيو ته پاڪستاني ٽيم ٻطرفي ڪرڪيٽ سيريز جي لاءِ ڀارت جو دورو نه ڪري رهي آهي ۽ ان کي عالمي سيريز ۾ شرڪت جو پورو حق حاصل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جو??ب ۾ ترجمان چيو ته پرڏيهي وزارت کي اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊ?? جي لاءِ عالمي مبصرن کي گهرائڻ جو باضابطا پيغام مليو آه??. ه?? چيو ته ان عمل کي پاليسي ۽ ماضي جي طرزعمل موجب آسان بڻايو ويندو.