اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، ڪشمير جو مسئلو هند ??ي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو، ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي لاءِ اٿاريل آواز تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تي اسان ڪشميري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر طرح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير جو مسئلو هند ??ي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهش موجب نه ٿو ٿئي، اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.