تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، رابطي ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ تنظيم جي تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ وچ اوڀر جي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. سيڪريٽري جنرل اي سي او جي لا??ِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ خطي ۾ واپار ۽ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ اي سي او سيڪريٽريٽ جي عزم جو يقين ڏياريو.