اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خي??لن جو اظهار تيونس، روس، ترڪيه، بلغاريه، بوسنيا، تاجڪستان، جاپان، چيڪ ريپبلڪ، ڏک?? ڪوريا ۽ برازيل جي ا??زا??ي ڪائونسل جنرلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي عالمي لاڳاپن ۽ واپار جي فروغ ۾ ا??زا??ي ڪائونسل جنرلز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر دوست ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ا??زا??ي ڪائونسل جنرلز پاڪستان جي صنعت ۽ واپار وارن ايوانن سان رابطا وڌائي??، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صدر چيو ته ا??زا??ي ڪائونسل جنرلز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.