اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هاڪي في??ريشن جي اڳوڻي صدر جو معاملو عدا??ت اڪلائي ڇڏيو آهي، پي ايڇ ايف جي نئين چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اميد آهي ته جلد چونڊون ڪرايون وينديون. سينيٽ جي اجلاس ۾ سو??لن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته هاڪي في??ريشن جو صدر چار س??لن جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، برگيڊيئر (ر) محمد خالد سجاد کوکر قانون موجب ٻه ڀيرا ئي صدر بڻجي سگهيو پئي، ان جا اهي ٻئي دور مڪمل ٿي چڪا آهن، ان لاءِ ح??ومت کيس عهدي تان هٽايو ته هن عدالت س??ن رجوع ڪيو ته عدالت به ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هاڪي في??ريشن جي ٻيهر چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.