اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي درپيش ??حت جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ??حت جي عالمي اداري سان حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??حت جي عالمي اداري جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ص??ر حڪومتي قدمن جي سپورٽ ڪرڻ ۽ بنيادي ??حت جو نظام مضبوط بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار کي ساراهيو. صدر گهر جي سطح تي ذهني ??حت جي اهميت ۽ شروع??تي مشاورت بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ذهني ??حت جي ٽول ڪِٽ جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا پاڪستان جو ??حت جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته ??حت جو عالمي ادارو پاڪستاني عوام جي ??حت بهتر بڻائڻ جي لاءِ تعاون جاري رکندو. صدر چيو ته ذهني صحت تي معاونت جو نظام قائم ڪرڻ، معياري ذهني ??حت جي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي ڌرين جي تعاون ۽ خصوصي ماڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا بريسٽ ڪينسر، ذهني ??حت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن سميت ??حت جي مختلف مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ صدر ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. صدر پاڪستان جي ??حت جي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا جي ڪردار ۽ عزم کي ساراهيو.