اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ??نڌار جي گورنر ۽ افغانستان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ ??سٽ??يٽجي جي نائب سربراهه حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب هن گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن بشمول امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عوام سان عوام جي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران ??رڏيهي وزير افغانستان سان ??سلسل رابطي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڳڻتي جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. حاجي ملاشيرين چار ڏهاڪن کان ??کين افغانين جي فراخدلاڻي حمايت تي پاڪستان کي ساراهيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ب??ائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ افغان ??فد پاڪستان افغانستان گڏيل رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جي سي سي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي مقصد جي لاءِ سرحد پار چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ رابطاڪاري جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.