ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسجدون ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ مذهبي اخلاقيات سان گڏوگڏ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، مسجدن کي مسلمان مع??شري ۾ مرڪزي مقام حاصل آهي ۽ انهن کي ماڻهن کي بيمارين کان بچاءُ ۽ ٻين اهم سماجي مسئلن کان آگاهي جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي فروغ ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ مسجدن ۽ مدرسن جي ڪردار بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي مع??ملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر انيق احمد ۽ مختلف مڪتب?? فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ناڪافي تعليمي انفراسٽرڪچر جي ڪري 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪولن جي تعمير ۾ تمام گهڻن وسيلن سان گڏوگڏ وقت گهربل هوندو. ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽڪل اڍائي لک مسجدون انهن ٻارن کي تعليم طرف واپس آڻڻ جي ل??ءِ هڪ منفرد ۽ گهٽ خرچ رستو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. صدر چيو ته حڪومت جي ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام کي شامل ڪري مسجدن کي تعليم جي مرڪزن طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، وڌيڪ اهو ته مسجدون مع??شري جي مرڪز ۾ هجڻ گهرجن جيڪي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي ل??ءِ دنياوي ۽ ديني تعليم فراهم ڪن ٿيون. مذهبي مع??ملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته مسجدن ۾ تعليمي سرگرمين جي نگراني ڪندڙ ”پيش امام“ جي ڪردار کي وڌائي مسجدن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن صدر جي ويزن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي ل??ءِ پيش امامن جي صلاحيت ۾ اضافو ضروري آهي.