اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستا?? استنبول ۾ ڪورٽ هائوس ڪمپليڪس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ترڪيه جي ڀائر عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ا?? ڪڌي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيون. بيان ۾ سوڳوار خاندانن سا??دل?? همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت جي خلاف جنگ ۾ ترڪيه سان پنهنجي پرعزم يڪجهتي ج?? ورجاءُ ڪري ٿو.