اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽرن ۽ فزيشنز تي زور ڏنو ته اهي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شع??ي ۾ ٿيندڙ تيز ترين تبديلين م??ن فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل سائنس وڏي تبديلين م??ن گذري رهي آهي ۽ وقت سان گڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي بيمارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي پڻ روشني و??ي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بيماريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آهي، تنهن ڪري شاگردن کي معلومات ياد رکڻ بدران ان جو تجزيو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي تعليم جي شع??ي جي قائم ڪيل معيار کي مثالي قرار ڏنو ۽ چ??و ته هن پاڪستان ۾ ڊينٽسٽري جي شع??ي جي ترقي جي لاءِ پڻ نمايان قدم کنيا آهن.