بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن (سي ٽي جي) جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ۽ چائنا ٿري گارجز انٽرنيشنل لميٽيڊ (سي ٽي جي آءِ) جي چيئرمين وو شينگ ليانگ بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم پاڪ??تا?? حڪوم?? جي سڌاراجاتي ايجنڊا تي روشني وڌي ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري خاص طور تي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ موقعن جو هڪ جائزو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ڪروٽ ۽ جهمپير سميت پاڪ??تا?? ۾ چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن جي قابل تجديد توانائي جي منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته قابل تجديد توانائي پاڪ??تا?? ۾ نئين حڪوم?? جي ترجيحي شعبن ۾ شامل آهي. نائب صدر چائنا ٿري گارجز ڪارپوريشن پاڪ??تا?? سان ٿري گارجز ڪارپوريشن جي مسلسل وابستگي جو و??جا??ُ ڪيو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جهڙن جاري منصوبن جي تڪميل ۾ تيزي آڻڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو.