اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي آفيس ۾ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان ??يدان ??ان جامع ڳالهه ??ول??ه ڪئي جيڪو پنهنجي پاڪستاني هم منصب جي دعوت تي اسلام آباد جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان ترڪيه اعل??ٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ ستين اجلاس جي تيارين جو پڻ جائزو ورتو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. هن اتر قبرص جي عوام جي جائز حقن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. بيان ??وجب ٻنهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غز?? ۾ ??وري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ محصور فلسطيني عوام جي لاءِ فوري انساني امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان کي جامع انداز ۾ حل ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. بيان ??وجب پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخ، ثقافت ۽ مذهب سان ??اڳيل دوستي ۽ ڀائيچاري جي خصوصي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن جڏهن ته باقاعدگي ??ان ڳالهه ??ول??ه ۽ اعل??ٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جي سڃاڻپ آهي.