ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي پهچڻ تي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ چيئرمين صدا??تي درٻار شيخ منصور بن زايد النهيان وزيراعظم جو شاندار ا??تق??ال ڪيو. ا??تق??ال ڪندڙن ۾ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني سفير ??يصل نياز ترمذي، پاڪستان ۾ اماراتي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي ۽ ا??لي?? پاڪستاني ۽ اماراتي عملدار پڻ شامل هئا. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تع??ق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو.