شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي ??ڄ ئي نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر سان ڳالهيون ڪري پاڪستان ۾ اهڙي جديد نظام جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي ??تمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر پهچڻ تي شينزن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گور??مي??ٽ جي پارٽي ليڊرشپ گور??مي??ٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نانشان ون اسٽاپ سروسز جي دوري دوران وزيراعظم کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائي جي حوالي سان ڊيجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم نانشان ون اسٽاپ سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد نظام کي ??اراهيو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان ۾ اهڙو نظام متعارف ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي نانشان ون اسٽاپ سروسز جي عملدارن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪستان ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن کي ??روري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني عملدارن کي ??هرين کي ??نيادي سهولتون فر??هم ڪرڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم شينزن جي ارتقاءَ ۽ ترقي جي حوالي سان قائم شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وزيراعظم کي ??ينزن جي ترقي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ شينزن جي گهٽ مدي ۾ ترقي جي سفر کي ??اراهيو.