اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي مال??ات?? فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻج??دو?? قرضن ک??ن نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد اي??دو?? پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب آءِ ايم ايف پاڪستان سان 37 مهينن جي قرض پروگرام تي آمادگي جو اظهار ڪيو، جنهن تحت پاڪستان کي 7 ارب آمريڪي ڊالرز ملندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا، مشڪل فيصلن جا ثمر معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي آءِ ايم ايف جو ٿورائتو آهيان. حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم جاري رکيون پئي اچي، آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ مال??ات?? ۽ مانيٽري پاليسي کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن سان گڏوگڏ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪيو وي??دو?? گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيا ۽ معاشي استحڪام کي هٿي حاصل ٿي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سميت سموري معاشي ٽيم ۽ صوبن جي وڏن وزيرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻج??دو?? ان??ا الله قرضن م??ن نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي استحڪام کان مضبوط ۽ پائيدار بحالي طرف وٺي وڃ?? اسان جو عزم آهي، ڪاميابي ان ڏينهن ٿيندي، جنهن ڏينهن اسان قرضن م??ن نجات حاصل ڪنداسين. حڪومت معاشي سڌارن جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳيان وڌائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن سان ملڪ جي اقتصادي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي راهن جو تعين ڪرڻ سان مدد ملندي. حڪومت پاليسي سڌارن ۽ مال??ات?? هدف کي سختي سان عملدرآمد ڪري ملڪ جي گهٽ آمدني واري طبقي جو سهارو بڻي. وزيراعظم چيو ته اسان معيشت ۾ بهتري لاءِ ايڪسچينج ريت کي مستحڪم ڪيو، پائيدار اوسر واري شرح حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، پاڪستان کي استحڪام جي مرحلي کان اڳتي وٺي وڃي طاقتور معيشت طرف وڃڻو پوندو. ان??ا الله اسان جي قدمن سان معاشي ترقي جو سفر مڪمل ٿيندو.