اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي ل??ءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خسرو نوزيري وزيراعظم کي اي سي او جي قدمن ۽ پنهنجي مقرري دوران اي سي او کي بحال ڪرڻ جي پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم اي سي او کي علائقائي تعاون جي پليٽ فارم جي طور تي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خسرو نوزيري پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي مان فارغ ٿيو هو جيڪا پاڪستان جي ل??ءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي ل??ءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌا??ڻ سان گڏوگڏ اي سي او سڌاراجاتي ايجنڊا جي ل??ءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته اي سي او ويزن 2025ع جي اهم دستاويز تي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سرپرستي ۾ اسلام آباد ۾ 2017ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون جيڪو اي سي او جي ل??ءِ هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ل??ءِ اها ڳالهه به فخر جوڳي آهي ته اي سي او جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل ??اڪ??ر اسد مجيد خان، پاڪستان جو اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رهي چڪو آهي. خسرو نوزيري اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.