اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري يوم شهداءِ پوليس جي موقعي تي شهيد ٿي ويل اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو، ته ق??م لاءِ حياتين جو ??ذرانو پيش ڪندڙ پوليس اهلڪارن جون قربانيون بي مثال آهن، ايوان صدر پريس و??گ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت چيو ته دهشتگردي خلاف ??نگ ۾ پوليس اهلڪارن پاران ڏنل قربانين تي قوم کي انهن مٿان فخر آهي، صدر مملڪت چيو ته پوليس جا جوان دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف فرنٽ لائن تي وڙهندي جان جو ??ذرانو پيش ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف ڪاميابي ۾ پوليس فورس جو نمايان ڪردار آهي.صدر مملڪت چيو ته پوليس جا جوان ملڪ جي مختلف حصن ۾ سماج دشمن عنصرن ۽ دهشتگردن خلاف ??نگ وڙهندي حياتين جو ??ذرانو پيش ڪري رهيا آهن، پوري قوم پاران شهيدن کي خدمتن ۽ قربانين تي سلام پيش ڪيان ٿو.