اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪيو، اهو اجلاس فلسطين ۽ ايران جي درخواست تي فلسطين ۽ ٻين علائقائي رياستن جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ گهرايو ويو هو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اجلاس ۾ ن??ئب وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ غيرقانوني ۽ وحشياڻي قبضي جي خلاف فلسطينين جي جدوجهد لاءِ پاڪس??ان جي پراڻي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه جي عدالت کان مٿانهين قتل کانپوءِ فلسطين ۽ ايران جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ ن??ئب وزيراعظم اسرائيلي ظلمن ۽ جنگ کي ڀڙڪائڻ سميت ان جي قدمن جي پڻ شديد مذمت ڪئي جنهن اڳ کان ئي نازڪ ۽ عدم استحڪام جو شڪار وچ اوڀر کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. جڏهن ته هن خطي ۾ شديد ڇڪتاڻ ۽ تشدد کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ن??ئب وزيراعظم غزه ۾ فلسطينين جي لاءِ انساني امداد ۾ اضافي تي زور ڏنو ۽ غزه تائين پهچ جي سڀني رستن کي کولڻ ۽ گڏيل قومن ۽ سمورين عالمي ايجنسين سميت يو اين آر ڊبليو اي کي غزه ۾ مڪمل طور تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته ن??ئب وزيراعظم هڪ عالمي عدالتي مڪينزم قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو اسرائيل کان انسانيت جي خلاف ڏوهن، جنگي ڏوهن ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي لاءِ ”معاوضو، هرجاڻو ۽ اطمينان“ حاصل ڪري ۽ ان جي ڏوهن جي ذميوارن کي جوابده بڻائي. ترجمان وڌيڪ چيو ته آسيان ڏهاڙي جي موقعي تي ن??ئب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان جي ميمبر ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام کي پاڪس??ان پاران مبارڪباد ڏني ۽ آسيان سان پاڪس??ان جي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته آسيان سان پاڪس??ان جا لاڳاپا گڏيل احترام، عدم مداخلت ۽ تعميري مشغوليت جي اصولن جي لاءِ گڏيل عزم تي ٻڌل آهن.