اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان ميٽا جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئ??. و??د جي قيادت ميٽا جي ايشيا پيسفڪ بابت نائب صدر سائمن ملنر ڪئي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چي?? ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ بي پناهه ??لاحيت موجود آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جي فروغ جي حوالي سان رڪارڊ بجيٽ رکي وئي آهي. هن چي?? ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم ??اڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ميٽا جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ايشيا پيسفڪ ۾ پنهنجي سروسز بابت آگاهه ڪيو. وفد بريفنگ دوران ٻڌايو ته ميٽا مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ريجن ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۾ منعقد ڪرايو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن جي ترقي ۽ ترويج جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، تانيه ايدرس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.