اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار چيو آهي ته بلوچستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اس??ن دهشتگردي ختم ڪئي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي طاقتور بڻايو، پاڪستان دنيا جي پهرين 20 معيشتن ۾ شمار ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اڃا به دير ناهي ٿي، سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي قائد ايوان سينيٽر اس??اق ڊار چيو ته هي ملڪ اس??ن سڀني جو آهي، اس??ن سڀني کي ئي ان کي بچائڻو ۽ مضبوط بڻائڻو پوندو، هاڻي ڳال??ه ناراضي کان تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي، اس??ن کي گڏجي ويهي مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هر پاڪستاني جي دل ڏکويل آهي، بلوچستان اس??ن سڀني جي دل جي تمام ويجهو آهي، اڄ وفاقي ڪابينا ۾ به ان تي تفصيلي ڳالهه ٿي، جلد وزيراعظم بلوچستان ويندو جڏهن ته گهرو وزير بلوچستان پهچي چڪو آهي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، رياست پاڪستان کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته جبلن تي چڙهي بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اس??ن کي هر صورت ۾ دهشتگردي کي ختم ڪري امن آڻڻو آهي، ماضي ۾ اي پي ايس کانپوءِ به سياسي پارٽين گڏجي ويهي دهشتگردي جي خاتمي جو پڪوپهه ڪيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ آپريشن ضرب عضب، آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان ٿيا، اس??ن انهن آپريشنز جي لاءِ سئو ارب رپيا ساليانو فراهم ڪيا جيڪو صحيح قدم هو. هن چيو ته ٻيهر ماضي جي دور ۾ ڀڄي ويل دهشتگردن کي واپس آندو ويو، اهو فيصلو تباهي آڻيندڙ هو جنهن جا نتيجا اڄ اس??ن جي سامهون آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٺيڪ نه ٿيو، پوري قوم متحد آهي، دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪي به اهڙن واقعن ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف رياست سخت کان سخت ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ناراض آهن انهن سان ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن جبلن ۾ لڪي ماڻهن تي حملا ڪن ته اهڙن ماڻهن سان ڪا ڳال??ه نٿي ٿي سگهي. نائب وزيراعظم اس??اق ڊار چيو ته بلوچستان حڪومت وفاق سان مڪمل رابطي ۾ آهي، ڪجهه ماڻهن کي اس??عمال ڪري هڪ صوبي ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي. اس??اق ڊار چيو ته دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن تي اس??ن کي سياست نه ڪرڻ گهر??ي، اسان کي ڳالهين بدران حل طرف وڃڻو پوندو، اچو ان مسئلي تي گڏجي سوچون، دشمن چاهي ٿو ته پاڪستان معاشي قوت نه بڻجي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ تجويز ڏيندي چيو ته سينيٽ ميمبر هڪ ڏينهن مقرر ڪري وٺن، ان ڏينهن رڳو امن امان جي حوالي سان ئي ڳالهه ٿئي.