اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر سوشل ميڊيا تي 6 سيپٽمبر ??فا?? واري ڏهاڙي تي عام موڪل جي اعلان جي حوالي سان گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏ??و آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر 6 سيپٽمبر ??فا?? واري ڏهاڙي تي عام موڪل بابت نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏ??ندي چيو آهي ته جعلي خبرون ڦهلائڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي پر اهو ملڪ جي لاءِ به نقصانڪار آهي. اهڙي غيرذميواراڻي رو??ي کي رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي.