اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سينئر صحافي مسعود ملڪ کي سوين سوڳوارن جي موجودگي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ح??جي نواز کوکر، عرفان صديقي، پرنسپل انفارميشن آف??سر ( پي آءِ او) طاهر خوشنود، پيمرا جو چيئرمين سليم بيگ، صدر جي پريس سيڪريٽري ميان جهانگير، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طارق محمود خان، مشهور سم??جي اڳواڻ ڊاڪٽر جمال ناصر، قومي اسيمبلي ميمبر صداقت عباسي، انجم ع??يل خان سميت اهم سياسي ۽ سم??جي شخصيتن، سينئر صحافين، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.