اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ جي 70 ملين ماڻهن کي ڪوويڊ ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي. وفاقي وزير اسد عمر جيڪو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ??و سي) جو انچارج به آهي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته سال جي آخر ت??ئي?? 70 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو هد?? مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کان ٻه مهينا اڳ ئي حاصل ڪري ورتو. 2021ع جي لاءِ سال جي آخر جو هد?? 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو مقرر ڪيو ويو هو، اهو ٻڌ??ئي??دي خوشي ٿي رهي آهي ته 7 ڪروڙ (70 ملين) ماڻهن کي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي ۽ 4 ڪروڙ (40 ملين) مڪمل طور تي ويڪسين لڳرائي چڪا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2 مهينا باقي آهن، اسان انشاءَ ??لله پنهنجي هد?? کان اڳتي وڌنداسين.