اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو ويزن آهي، انفارميشن ٽيڪنال??جي جي شعبي ۾ ترقي سان پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ ٽيڪنال??جي تيزي سا?? ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ چين وانگر جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو اهم ڪردار آهي. صدر قومي براڊ بينڊ نيٽ ورڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، انفارميشن ٽيڪنال??جي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ۽ ٽيلي مواصلاتي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن پڻ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي فورم منعقد ڪرڻ تي پي ٽي اي ۽ هواوي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ ٽيڪنال??جي بابت فيصلاسازن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ جنريشن گيپ هوندو آهي، انفارميشن ٽيڪنال??جي جي لاءِ ضروري اهي ته اها تيزي سا?? ترقي ڪري. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ حڪومت پنهنجو هر ممڪن ڪرد??ر ادا ڪندي، حڪومت جي ڪوشش هوندي ته اها ان ۾ سهولت جو ڪرد??ر ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت جهڙي طرح روانگي واپار ۽ آمدني واپار سميت معيشت جي مختلف شعبن ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اها آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ پڻ پنهنجو?? ترجيحون تعين ڪندي. صدر چيو ته ڊيٽا جو استعمال ضروري آهي، دنيا وٽ ??يتري ڊيٽا موجود آهي جو ان جو تجزيو ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽيڪنال??جي ۾ جدت اچي رهي آهي، براڊ بينڊ ۾ به وسعت اچي وئي آهي، ٽيڪنال??جي جي ترقي جي لاءِ مستقبل جي ضرورتن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي گري ٽيليفوني کي روڪڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو انگ تمام گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي لاءِ سمورين يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي، جڏهن ته صدر اهو واضح ڪيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند ماڻهن کي تيار ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو اهم ڪردار آهي، ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ حڪومت جي بهتر فيصلن جي ڪري اي ڪامرس ۽ ٽيڪنال??جي جي استعمال ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جو عمل آسان ٿي ويو، آءِ ٽي ۽ جديد ٽيڪنال??جي جي استعمال سان بيمارين تي پڻ ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ضرورتمندن کي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقم فراهم ڪري رهيا آهيون.