اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چي?? آهي ته جدوجهد سان پاڪستان جي ماڻهن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهبو، ماحولياتي تحريڪ هڪ مقدس فرض آهي، الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ جي لاءِ انسان کي ٻين جو احساس ڪرڻ گهرجي، اشرافيه پاڪستان جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل آهي، قانون جي عدم حڪمراني جي ڪري پاڪستان پنهنجي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهيو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ناليواري اسلامي اسڪالر شيخ حمزه يوسف سان آن لائين ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو جيڪو زيتونه ڪاليج جو صدر هجڻ سان گڏوگڏ مسلم حياتيات، قانون، فلسفي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي مضمونن ۽ مقالن جو ليکڪ پڻ آهي. و??ير??عظم عمران خان چي?? ته ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيڪڏهن اتي قانون جي حڪمراني نه هجي. هن چي?? ته مهذب معاشري جو بنيادي اصول قانون جي حڪمراني آهي جتي توهان طاقتور کي قانون جي دائري ۾ آڻيو ٿا. هن واضح ڪي?? ته اسرندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قانون جي حڪمراني جو نه هجڻ آهي، جتي اميرن جي لاءِ هڪ ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ ٻيو قانون آهي ۽ جيلون به غريبن سان ڀريل آهن. هن چي?? ته قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي ڪري نه رڳو عوام جي اڪثريت بنيادي سهولتن کان محروم آهي پر ملڪ به پنهنجي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهيو، ملڪي وسيلن تي اشرافيه جي قبضي جي مسئلي جي ڪري پاڪستاني عوام جي اڪثريت صحت، تعليم ۽ انصاف جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هڪ سوال تي و??ير??عظ?? چي?? ته پاڪستان ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان جي عوام به باصلاحيت آهي. ميرٽ جو تعلق به قانون جي حڪمراني سان آهي. جيڪڏهن توهان وٽ معاشري ۾ ميرٽ ڪريسي نه آهي ته اشرافيه قابض ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ڪڏهن ڪا جدوجهد ئي نه ڪئي هوندي آهي اهو به اهم عهدن تي فائز ٿي وڃي ٿو. و??ير??عظ?? چي?? ته ماڻهو زوال پذير ناهن ٿيندا پر اشرافيه ئي زوال پذير ٿيندي آهي. هن چي?? ته پاڪستان کي نبي ڪريم ﷺ جي مديني جي رياست جي تصور موجب هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو خواهشمند آهيان. هن چي?? ته اسان پاڪستان جو بنياد ٻن اصولن تي رکڻ چاهيون ٿا، جن ۾ پهريون اصول فلاحي ۽ انساني رياست آهي جيڪا معاشري جي هيٺئين طبقي جو خيال رکي ۽ ٻيو اصول قانون جي حڪمراني آهي. و??ير??عظم عمران خان موسمياتي بحران جي حوالي سان ڳالهائيندي چي?? ته ماحول جو تحفظ هڪ مقدس فرض آهي پر جيڪڏهن توهان ان مقدس عمل کان مڪمل لاتعلق ٿي وڃو ٿا ۽ رڳو ماديت پرست ٿي وڃو ٿا ته ائين ئي ٿيندو آهي جيئن هن وقت دنيا ۾ ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته مقدس جو بنيادي مطلب ٻين جو احساس ۽ همدردي آهي. هن چي?? ته دنيا جي سڀ کان وڏي ماحولياتي تباهي جنهن کي موسمياتي تبديلي جو نالو ڏنو وڃي ٿو ان جي ڪري انسان قدرت کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي. هن چي?? ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ جو فرمان آهي ته آخرت جي لاءِ ائين جيئو جيئن توهان کي سڀاڻي ئي مري وڃڻو آهي، پر توهان جا اعمال اهڙا هجڻ گهرجن جو جيڪڏهن توهان سڀاڻي مري وڃ?? ته الله تعاليٰ جي آڏو حساب ڏئي سگهو پر دنيا ۾ ائين جيئو جيئن هزار سال جيئڻو آهي. و??ير??عظ?? چي?? ته توهان موجوده وقت ۾ جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهيو توهان کي ان جي اثرن بابت سوچڻ گهرجي جيڪي انسانيت تي وڌيڪ هزار سالن تائين پوندا. هن چي?? ته اهو نبي ڪريم ﷺ جو عظيم فرمان آهي ڇ?? ته انهن ماحوليات ۽ زمين بابت فرمايو آهي ته ان تي ڪهڙي طرح زندگي گذارڻ گهرجي، نبي ڪريم ﷺ هر شيءَ جو مڪمل احاطو ڪري ڇڏيو آهي. و??ير??عظ?? چي?? ته پوري ماحولياتي تحريڪ هڪ مقدس فرض آهي. هن چي?? ته جيڪڏهن انسان الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ چاهي ٿ?? ته انسان کي ٻين جو احساس ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته ماضي ۾ سياسي نظام جي ذريعي جيڪا قيادت سامهون آئي اها عقيدي جي اصولن کان بلڪل جدا ٿي وئي، اها اقتدار جي لاءِ آئي ۽ ان اقتدار ۾ رهڻ جي لاءِ ٺاهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي سياستدانن اقتدار ذاتي فائدي جي لاءِ حاصل ڪيو. و??ير??عظ?? چي?? ته اسرندڙ دنيا ۾ اڪثر سياستدان پنهنجي مفاد ۽ پئسو ڪمائڻ جي لاءِ ئي اقتدار ۾ اچن ٿا. بدقسمتي سان تمام گهٽ نيلسن منڊيلا وانگر هئا جيڪي ڪنهن اعليٰ مقصد جي لاءِ اقتدار ۾ آيا. و??ير??عطم عمران خان چي?? ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح اها شخصيت هئي جيڪا هڪ عظيم مقصد جي لاءِ آئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته موجوده دور ۾ سياستدانن کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ڇ?? ته اهي چون ٿا ته اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي ذات جي ئي خدمت ڪن ٿا. هن چي?? ته آئون پنهنجي عقيدي جي ڪري سياست ۾ آيو آهيان. مون وٽ سڀ ڪجهه هو. اسپورٽس اسٽار جي حيثيت سان اڳ ۾ ئي ملڪ ۾ منهنجو هڪ وڏو نالو هو ۽ مون وٽ دولت ۽ شهرت هئي. ان لاءِ 22 سالن تائين جدوجهد ڪرڻ جو منهنجو مقصد رڳو و??ير??عظم بڻجڻ نه هو. ان جو سبب رڳو اهو ه?? ته مون کي يقين ه?? ته معاشري جي لاءِ منهنجي ڪا ذميواري بڻجي ٿي ڇ?? ته مون کي ٻين کان وڌيڪ عطا ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته سمورن مذهبن موجب انسان جي آزمائش اها آهي ته ان کي جيڪو ڏنو ويو آهي ۽ انهي موجب ان جو حساب ورتو ويندو. هن چي?? ته اسان جو خدا اسان کي سموريون نعمتون ڏئي آزمائيندو، آئون سياست ۾ ان لاءِ آيس ڇ?? ته مون کي ان تي يقين هو مون محسوس ڪي?? ته آئون تمام گهڻو خوش قسمت آهيان جو مون کي معاشري جي لاءِ ذميواري ملي آهي. هن چي?? ته آئون ذاتي مفادن ۽ اقتدار جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياست ۾ نه آهيان. و??ير??عظ?? چي?? ته انسان جي وس ۾ جدوجهد ڪرڻ هوندو آهي ڪاميابي الله جي عطا آهي. هن چي?? ته جڏهن نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست قائم ڪئي ته پاڻ ﷺ انهن ماڻهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو جيڪي سڀ جا سڀ رهنما بڻجي ويا. هن چي?? ته ماڻهو هڪ جهڙي سازگار ماحول جي لاءِ پاڪستان کان ٻاهر وڃن ٿا ۽ اتي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿا. هن چي?? ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ سيڪڙو عوام کي معياري تعليم تائين پهچ حاصل آهي جڏهن ته ٻين وٽ موقعا ئي نه آهن. هن چي?? ته موجوده پاڪستان ۾ جدوجهد سان پاڪستان جي ماڻهن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهبو. ملڪ ۾ عوامي ڀلائي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ و??ير??عظم عمران خان چي?? ته حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو فلاحي پروگرام شروع ڪيو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته اسان جو مقصد ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ، دولت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي پکيڙڻ ۽ اشرافيه ۽ مافياز جي هڪ هٺيءَ جو خاتمو آهي. هن چي?? ته اهو سچ آهي ته عقيدو انسان کي باوقار بڻائي ٿو ۽ انهي سان انسان کي آزادي ملي آهي. و??ير??عظ?? چي?? ته امير اهو هوندو آهي جنهن جو ضمير خريد نه ڪري سگهجي. هن چي?? ته خوداعتمادي انسان جي سڀ کان وڏي خوبي آهي.