اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه ڪان??و جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف، ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران سفارتي، سياسي، اقتصادي، علائقائي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزسير چيو ته براعظم آفريقه ۾ جمهوريه ڪانگو کي هڪ اهم ملڪ جي حيثيت حاصل آهي، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران جمهوريه ڪان??و جي صدر ۽ آفريقي يونين جي چيئرپرسن فيلڪس انتوان شيسڪيدي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ آفريقي يونين لاءِ سندس قيادت ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ڪانگو ۾ پرامن جمهوري حڪومت جي منتقلي تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير جمهوريه ڪان??و جي پرڏيهي وزير ڪرسٽوف آپالا لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، سفارتي حوالي سان ”انگيج آفريقه“ جي پاليسي تي گامزن آهي، پاڪستان علائقائي امن جي حوالي سان ڪان??و جي ڪردار جو معترف آهي، ڌرين جي وچ ۾ دفاع، تربيت، سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي مشن تحت جمهوريه ڪانگو ۾ قيام امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، جمهوريه ڪان??و جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال ڪانگو ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فورسز جي خدمتن کي ساراهيو.