اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بل??چس??ان جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، بل??چس??ان جي باصلاحيت نوجوان افرادي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مع??ون نوابزاده شاهه زين بگٽي سان ڳال??ائ??ندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بل??چس??ان جي اندروني طور تي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) جي مسئلن ۽ انهن جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ بل??چس??ان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.