اسلام آباد – 16 211; اپريل (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم شيخ خالد بن خليفه بن ??بد??لعزيز آل ثاني شهبا?? شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن وزيراعظم شهبا?? شريف جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو آهي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهبا?? شريف چيو ته توهان سان دوستي پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي قائم آهي. وزيراعظم شهبا?? شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پڪو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم شهبا?? شريف قطر جي پنهنجي هم منصب جو نيڪ ??واهشن تي جوابي خيرسگالي جي جذبن سان ٿورا پڻ مڃيا.