اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان توشه خاني مان تحفا گهٽ قيمت تي خريد ڪري چنئوڻ تي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيا، عمران خان جي آمدني ۾ توشه خاني سان جيترو اضافو ٿيو آهي، ايترو هن پوري ز??دگي ۾ نا??ي ڪمايو، عمران خان جي 41 سالن جي ڊڪل??ئر?? آمدني هڪ طرف ۽ توشه خاني مان حاصل ڪيل تحفن مان آمدني هڪ طرف، وزارت عظميٰ جي عهدي تي اچڻ کانپوءِ پهرين ٻن مهينن دوران هن توشه خاني مان 85 ملين رپيا ڪمايا ۽ چار سالن ۾ 58 تحفا پاڻ وٽ رکيا جن جي ماليت 142 ملين بڻجي ٿي، عمران خان ٽي شيون ٽن ڪروڙن ۾ خريد ڪيون، ان وٽ اهو پئسو ڪٿان آيو، کيس ان جي م??ي ٽريل ڏيڻي پوندي ڇو ته پهرين سال ته عمران خان جي آمدني ئي نه هئي ته هو ٽي ڪروڙ جون شيون خريد ڪري سگهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي معيشت تباهه ڪندڙ معاشي دهشتگردن پنهنجي دور ۾ اقتصادي انگن اکرن تي به ڪوڙ ڳالهايو، اهي ڪوڙا آهن، انهن جو مقصد ئي ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. هن چيو ته هي م??ڪ ۾ مهانگائي، قرضن، بيروزگاري سميت پرڏيهي پاليسي جي تباهي جا ذميوار آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان توشه خاني مان 20 سيڪڙو قيمت تي تحفا خريد ڪيا ۽ چنئوڻ تي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيا، 50 سيڪڙو جو نئون حڪمنامو ان کانپوءِ جاري ٿيو. هن چيو ته منهنجو تحفو منهنجي مرضي نه آهي، اهو تحفو پاڪستان رياست جو آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪفلنگ، مُنڊي ۽ گهڙيءَ ٽي ڪروڙ ۾ خريد ڪئي، ڪفلنگ ۽ مُنڊي هن 14 ڪروڙ ۾ جڏهن ته گهڙيءَ 18 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي. هن چيو ته تحفو ان جو نه آهي پر وزيراعظم جي نا??ي جو هو جنهن کي وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته عمران خان جي آمدني ۾ توشه خاني سان جيترو اضافو ٿيو آهي، ايترو هن پوري ز??دگي ۾ نا??ي ڪمايو، عمران خان پوري ز??دگي ڪاروبار جي ذريعي 141 ملين رپين جي ڪمائي ڊڪل??ئر?? ڪئي ۽ وزارت عظميٰ جي عهدي تي اچڻ کانپوءِ پهرين ٻن مهينن جي دوران هن توشه خاني مان 85 ملين رپيا حاصل ڪيا جڏهن ته پنهنجي چئن سالن دوران توشه خاني ما?? 58 ??حفا هن پاڻ وٽ رکيا جن جي ماليت 142 ملين بڻجي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ٽي شيون ٽن ڪروڙن ۾ خريد ڪيون، ان وٽ اهو پئسو ڪٿان آيو، ان جي م??ي ٽريل ڏئي ڇڏي ڇو ته پهرين سال ته ان جي آمدني ئي ايتري ئي نه هئي جو هو ٽي ڪروڙ جون شيون خريد ڪري سگهي، عمران خان کي رسيدون ڏيڻيون پونديون. هن چيو ته عمران خان جي گهرواريءَ جي ايف بي آر ۾ ٽيڪس ريٽرن جي داخلا 2018ع تائين آهي، ان ۾ ان جو نا??و عمران خان جي نا??ي سان گڏ نه آهي، ايف بي آر ريٽرنز ۾ ان جو پراڻو نا??و آهي. اليڪشن ڪميشن م فارن فنڊنگ ڪيس جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اڪبر ايس بابر تحريڪ انصاف جي فارن فنڊنگ تي اعتراض اٿاريا هئا. تحريڪ انصاف وارن کان سوال پڇو ته اهي جواب ۾ گاريون ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فارن فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان قائم ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارٽي فنڊنگ تي ڪو اعتراض نه لڳايو، جنهن جو مطلب آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سمجهي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا جيترا اڪائونٽس ڊڪل??ئر?? آهن اهي ٺيڪ آهن، اهي ان تي ڪو اعتراض نه لڳائي سگهيا. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پي ٽي آءِ جي ان ڊڪل??ئر?? اڪائونٽس جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏنا آهن، اڄ تائين مسلم ليگ (ن) جي فنڊنگ تي ڪو خط نا??ي م??ڪليو ويو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي ادارن جي خلاف مهم شروع ڪري رکي آهي، ان مقصد جي لاءِ روبوٽڪ ٽوئيٽس ۽ سافٽ ويئرز کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، پي ٽي اي کي انهن روبوٽڪ ٽوئيٽس جي ذريعي قومي ادارن جي خلاف ٽوئيٽ ڪرڻ تي فوري ايڪشن وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي کي به الرٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج، عدليه، رياست پاڪستان جي خلاف مهم جي اجازت نه ڏني ويندي، ان تي ز??رو ٽالرنس آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي نا??ص ڪارڪردگي، ڪشمير فروشي، مهانگائي، فارن فنڊنگ پاليسي کي تباهه ڪرڻ، پاڪستان جي عوام کي بکيو ڪرڻ جواب ڏي. عمران خان مهانگائي جي شرح 3.9 سيڪڙو مان 12 سيڪڙو تائين وڌائڻ، 2018ع کانپوءِ 43 هزار ارب قرضن ۾ اضافو ڪرڻ جو حساب ڏي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور م 2 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ ويا، 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو، اڄ اهي پنهنجي نااهلي، پنهنجي ڪوڙ، پنهنجي م??افقت ۽ ڦرلٽ کي لڪائڻ جي لاءِ ڪنٽينر تي چڙهي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سائفر به انهن پاڻ لکرايو، تمام جلد عوام جي آڏو انهن جا تفصيل رکنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ ڪارٽلز ۽ مافياز کي فائدا ڏنا ويا. هن چيو ته جتي جتي اختيارن جو ناجائز استعمال ٿيو آهي ان تي ڪارروائي ٿيندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان وٽ هاڻي م??م جوئي جي لاءِ رڳو روبوٽس ئي رهجي ويا آهن. اختر مينگل جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته اختر مينگل سان معاملا حل ٿي ويا آهن، تمام جلد هو ڪابينا جو حصو هوندو. هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هاڻي هڪ ٻيو خط لهرائڻ وارو آهي جنهن ۾ هو چوندو ته اليڪشن ڪميشن ۾ سندس خلاف سازش ٿي رهي آهي.