اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هدايت ڪئي آهي ته چمن وانگر طور خم بارڊر تي به انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري طور تي لڳايو وڃي ۽ سفري دستاويزن جي تصديق فوري ۽ آسان بڻائي وڃي، ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين لاءِ به وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. هو نادرا چيئرمين ط??رق ملڪ سان ڳالهائي رهي هئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نادرا پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نادرا چيئرمين مملڪتي وزير کي ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي نادرا پاران فراهم ڪيل مختلف ڊجيٽل آن لائين سهولتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، هن چمن بارڊر تي م??رر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي باري ۾ مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نادرا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت پاڪستان آرمي جي تعاون سان اهو سسٽم تيار ڪيو آهي، چمن بارڊر تي اهو سسٽم ٽرمينلز تي لڳايو ويو آهي جيڪو 20 هزار کان وڌيڪ واپارين، مريضن، زائرين ۽ بارڊر جي ٻنهي طرف رهندڙ ٻنهي ملڪن جي ش??ري?? جي اچ وڃ م بنا رڪاوٽ جي آساني پيدا ڪندو آهي، مملڪتي وزير حنا رباني کر من بارڊر تي لڳايل نادرا جي تيار ڪيل بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي آپريشنز کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا جو اهو قدم واکاڻ جوڳو آهي ان سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي ش??ري?? جي سرحد پار چرپر ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. مملڪتي وزير نادرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته چمن بارڊر وانگر طورخم بارڊر تي به م??رر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري لڳايو وڃي ته جيئن اتي به ٻنهي ملڪن جي ش??ري?? کي انهن جي اچ وڃ ۽ سفري دستاويزن جي فوري تصديق ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي. طارق ملڪ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پاور ڊجيٽل آف اٽارني آن لائن سروس جي باري ۾ به مملڪتي وزير کي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نادرا نئون جديد آن لائن نظام تيار ڪيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي سمنڊ پار پاڪستاني پاور آف اٽارني آن لائن گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا، اهو نظام آزمائشي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود 10 پاڪستاني مشنز ۾ شروع ڪيو ويو آهي، مملڪتي وزير چيو ته پاور آف اٽارني حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، هن هدايت ڪئي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب دنيا جي سمورن ملڪ ۾ رهندڙ پ??ڪستانين لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن ڇو ته ٻا??ري?? ملڪ پاڪستاني اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن جيڪي ملڪي معيشت ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مملڪتي وزير نادرا پاران ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي فراهم ڪيل ڊجيٽل سهولتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين ج?? ڀلائي ۽ بهتري وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين ج?? ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.