اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري سبينو سڪندر جلال معاشري مان منشيات جي لعنت جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن ۽ ميڊيا جي ذريعي عوام ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه انفارميشن سروس اڪيڊمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ا??تمام هيٺ منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي عنوان سان منعقد سيمينار کي ??طا?? ڪندي چئي، ان مو??عي تي ڊي جي ا??فارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد ۽ قومي خابرو اداري ا?? پي پي جي ا??گزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي به ??طا?? ڪيو، سيمينار ۾ انفارميشن گروپ جي زير تربيت آفيسرن منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون پريزينٽيشنز ڏنيون، سبينو سڪندر جلال چيو ??ه انفارميشن آفيسر ميڊيا ۾ منشيات جي لعنت جي مسئلي کي اجاگر ڪندي ا?? جي روڪٿام ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته منشيات جو استعمال گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي سوسائٽي جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ پوري دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 435 بلين ڊالرز جي ماليت جي منشيات جو غير قانوني ڪاروبار ٿي رهيو آهي جڏهن ته ترقي يافته ملڪ ان جي روڪٿام لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته منشيات کي روڪڻ جو بهترين طريقو اهو ??هي ??ه ان جي طلب کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي خراب اثرن جي باري ۾ آگاهي به پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان هڪ پاڙيسري ملڪ ۾ افيون جي وڏي مقدار ۾ پوک ڪئي ويندي آهي، پاڪستان کي يورپي ملڪن ۾ ان جي اسمگلنگ لاءِ راهداري جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ ان جي روڪٿام لاءِ 35 ايجنسين جنهن ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا شامل آهن کي اختيار سونپيا ويا آهن، هن شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان انفارميشن آفيسر طور منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پيغام کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين موثر انداز ۾ پهچائي سگهو ٿا. اي پي پي جي ا??گزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي جج طور فرض سرانجام ڏيندي مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي تقريرن جو جائزو ورتو ۽ ڪامياب ٿيندڙن جو اعلان ڪيو، هن ڪامياب ٿيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي ا??هن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي تقريرون ۾ سدائين حقيقي ا??گن اکرن جو حوالو ڏين، ڊي جي ا??فارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد چيو ته مستقبل جي ميڊيا مينيجرز جي حيثيت سان انفارميشن آفيسرن کي معاشري جي مسئلن جي باري ۾ بهتر طور تي آگاهي هجڻ گهرجي، هن خصوصي مهمان جو ٿورو ادا ڪندي مقابلي ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني.