ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اقليتن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايم) جي ميمبر ۽ پاڪستان هندو فورم جي صدر ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا چيو آهي ته دنيا کي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو 5 آگ??ٽ ??ي سمورن غيرقانوني، هڪ طرفن قدمن ۽ آبادي ۾ تبديلين کي واپس وٺي جيڪي هن والاريل علائقي ۾ کنيا آهن. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائي??دي چئي. هن وڌيڪ چيو ته عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائي??دي ته جيئن ان ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي غيرقانوني خاتمي جي خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. هن چيو ته 5 آگ??ٽ ??ي عالمي برادري کي ياد ڏياريو ويندو ته ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي جنهن تي ڀارت سمورن عالمي قانونن کي نظرانداز ڪ??دي ۽ عوام جي خواهشن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آ??ي. ??ن وڌيڪ چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي پر ڪشميرين رياستي دهشتگردي جي باوجود مزاحمت جاري رکي آ??ي. ??ن چيو ته قابض فوج اڪثريتي مسلم آبادي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آ??ي. ??ن چيو ته ڀارت جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا ڇو ته 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ??اري دهشتگردي جي وحشياڻي قبضي جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي گهٽ نه ڪري سگهيو. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اها سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق يقيني بڻائي.