اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ مت??ثر?? لاءِ امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌُرين سان مڪمل هم آهنگيءَ سان گڏوگڏ ٻوڏ مت??ثر?? جي امداد ۽ بحاليءَ جي عمل ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل س??نٽر مت??ثر?? جي بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه کي هر ممڪن مدد ??را??م ڪري رهيو آهي. هوائي فوج جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ متاثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ مت??ثر?? جي بحالي ۽ امداد جي ??را??ميءَ لاءِ ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ مت??ثر?? لاءِ عطيا الائيڊ بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي اڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪ??ائي سگهجن ٿا.