اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران يو ايس ايڊ جي ايڊمن??ٽر??ٽر سمانٿا پاور چيو آهي ته سندس اداري پاڪ??تا?? جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ملين ڊالر تي پهچي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (ي ايس ايڊ) جي ايڊمن??ٽر??ٽر سمانٿا پاور جيڪا ٻوڏ بابت تباهي جي پئماني جو جائزو وٺڻ لاءِ 8 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪ??تا?? جو دورو ڪري رهي آهي، اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ جي ڏس ۾ آمريڪا پاران انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي سمانٿا پاور جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪ??تا?? سپر فلڊ سان ٿيندڙ وڏي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي دورو آمريڪي ??ڪومت جو پاڪ??تا??ي عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم سمانٿا پاور کي پاڪ??تا?? ۾ بوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني کان آگھاهه ڪندي ٻڌايو ته هن وقت تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان فوتگين جو انگ 1300 کان وڌيڪ، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه، 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جڏهن ته پوري جا پورا ڳوٺ ۽ ماڻهن جا روزگار جا ذريعا لڙهي ويا آهن ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو آهي. پاڪ??تا?? حڪومت ريسڪيو ۽ فوري امدادي ڪاررواين جي لاءِ دستياب سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي جڏهن ته خوراڪ جو متوقع عدم تحفظ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ان کانپوءِ ايندڙ وڏا چئلينجز هوندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان بحران جي شدت جي ڪري پاڪ??تا?? پنهنجي طور تي انهن گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي وارن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ??تا?? کي مسلسل عالمي تعاون، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي مدد ۽ حمايت گهربل هوندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ??تا?? موسمياتي تبديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي نئين سر تعمير جي منصوبابندي ۽ ان کي لاڳو ڪندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? کي ان حوالي سان عالمي مهارت، فني مدد، فنڊنگ ۽ اڳڪٿي جي لاءِ موسمياتي فنانسنگ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي دنيا ۾ رهندڙ انسانن جي لاءِ گڏيل چئلينج آهي، ??ن سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. يو ايس ايڊ جي ايدمن??ٽر??ٽر سمانٿا پاور ٻوڏ ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته يو ايس ايڊ مالي امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي، اهڙي طرح اهو 51 ملين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. سمانٿا پاور ان عزم جو اظهار ڪيو ته آمريڪي ??نتظاميا ان مشڪل حالتن ۾ پاڪ??تا?? سان تعاون جاري رکندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فنڊز ۾ اضافي تي آمريڪي ??ڪومت جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو ۽ ريليف جو مرحلو ختم ٿيڻ کانپوءِ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير هڪ مشڪل چئلينج آهي، جنهن جي لاءِ پاڪ??تا?? عالمي امداد جو منتظر آهي.