نيويارڪ – 22 –; سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻهن جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيندا پيا وڃن جنهن جو اظهار پا??ستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي گر??ن هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حصي جي باوجود پا??ستان کي گر??ي جي لهرن، برطانوي طوفان، سوڪهڙي، طوفاني برساتن ۽ شديد چوماسي جي صورت ۾ قدرتي آفتون درپيش آهن جنهن جي نتيجي ۾ پا??ستان کي انساني جانين جي زيان کانسواءِ معاشي نقصان درپيش آهي. پرڏيهي وزير پا??ستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان جاني ۽ معيشت کي نقصانن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي وزير هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پا??ستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پا??ستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ مختلف ملڪن جي اڳواڻن پاران ملاقات دوران اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيو.