نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ ش??ڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه بر??ان??ا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن ش??ڪت کانپوءِ بر??ان??ا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي موجب وزيراعظ?? شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ ش??ڪت ڪندو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظ?? شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ ش??ڪت به ايجنڊا ۾ شامل آهي. وزيراعظ?? شهباز شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ڪندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به ملاقات ڪندو ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به ش??ڪت ڪندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر رسائو لي ني نيستو سان ملاقات ڪندو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏيل قومن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزيراعظم سان ملاقاتون به وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيراعظ?? شهباز شريف لڪسمبرگ جي وزيراعظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان به ملاقات ڪندو. وزيراعظم عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزيراعظ?? شهباز شريف 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.