اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير آمريڪي سينيٽ ميمبر سا?? ٿيندڙ ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي نتيج?? ۾ ??لڪ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ حصو پاڻ?? ۾ ??ڏل آهي، ٻوڏ سا?? 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جيڪي آسٽريليا جي آبادي کان وڌيڪ آهن. هن 66.1 ملين ڊالر جي آمريڪي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ تمام گهڻي ضرورت آهي ڇو ته شروعاتي ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصانن جي نشاندهي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير متاثر آبادي کي درپيش چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ صحت جي صورتحال، مليريا، ڊينگي ۽ پاڻي سا?? پيدا ٿيندڙ وبائي بيماريون شامل آهن. پرڏيهي وزير ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ??ري?? هائوس جي اخراج جي لاءِ گهٽ کان گهٽ ذميوار هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي ڪانگريس تاريخي طور تي قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سا?? گڏ بيٺل رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا پاڪستان سا?? تعاون جاري رکندو. آمريڪي سينيٽر پاڪستان ۾ ٻوڏ سا?? ٿيندڙ تباهي تي پرڏيهي وزير سا?? همدردي جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن پاران پرامن، مستحڪم افغانستان جي ضرورت سميت علائقائي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سينيٽر جيمز رش کي ٻوڏ سا?? ٿيندڙ تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.